سچل شيخ

سچل شيخ: موسيقار محمد سچل شيخ 1928ع ڌاري ڳوٺ بقاآباد تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ ۾ دلچسپي هئس. استاد لونگ فقير جي شاگرديءَ ۾ رهي هارمونيم سکيو. ڪيترائي سال مشهور ڳائڻي بيگم فقيرياڻي سان گڏ محفلن ۾ باجو وڄايائين. بعد ۾ روهڙيءَ ۾ باجن جي مشهور ڪاريگر عبداللطيف پنجابيءَ کان باجا ٺاهڻ جو فن سکي پوءِ ڳوٺ ۾ دڪان کوليائين. 28 سال باجا ٺاهڻ جي هنر سبب پاڪستان توڙي هندستان ۾ سندس ٺاهيل باجا گهڻو پسند ڪيا ويا. هن ڪيترائي باجا ٺاهي مندرن ۽ صوفي درگاهن تي سوکڙي طور ڏنا. خواجه معين الدين چشتيءَ جي درگاهه جي قوالن کي به سندس باجا پسند هئا. هو 2001ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ ۽ پوٽا به ساڳي فن سان لاڳاپيل آهن.


لفظ سچل شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو